ٻارھين سنڌي ادبي ڪانفرنس دادو

ٻارھين سنڌي ادبي ڪانفرنس دادو: ٻارھين سنڌي ادبي ڪانفرنس ١٠ ۽ ١١ نومبر ١٩٥١ع تي جمعيت الشعراءِ سنڌ ۽ انجمن آفتاب ادب جي نگرانيءَ ۽ سھاري ھيٺ ميونسپل پارڪ دادوءَ ۾ ڪوٺائي وئي. ھن ڪم ۾ رئيس ضياءُ الدين بلبل، آخوند شفيع محمد ۽ قاضي علي احمد وڪيل جون ڪوششون شامل ھيون. استقباليه ڪميٽيءَ جو صدر آخوند شفيع محمد ۽ سيڪريٽري حافظ محمد احسن چنا ھو. ڪانفرنس ۾ سڄيءَ سنڌ مان شاعرن شرڪت ڪئي، جن ۾ شيخ عبدالحليم ”جوش“، امير الدين ھمدم، ”اياز“ قادري، مولوي نور الدين ”نور“، عبدالڪريم شاهه، رئيس ضياءُ الدين ”ضيا“، حافظ محمد ”احسن“، صاحبزاده احمد مجتبيٰ ملڪاڻي، فتح علي ”فتح“، احمد شاههاستادبخاري، قربان علي نقشبندي، عبدالرحمان ابڙو، دائود ”مسڪين“، حبيب الله ”حبيب“، محمد حسن ”ساز“، علي محمد ”مجروح“، سنتو لعل درياڻي، محمد ڇٽل ”فدا“، ڊاڪٽر محمد ابراھيم ”خليل“، ڊاڪٽر عبدالفتاح ”عبد“، آغا گل حسن ”گل“، انور علي شاهه ”اظھر“، الھورايو مھر ”سليم“، علي محمد خالدي، محمد عالم عباسي ”عالم“ ۽ ٻيا ڪيترائي نالي وارا شاعر موجود ھئا. ھن ڪانفرنس جي صدارت علام آءِ آءِ قاضي صاحب کي ڪرڻي ھئي، پر ڪن مجبورين سبب ھو اچي نه سگھيو ۽ صدارت شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو